اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ جي 24 نومبر تي احتجاج جي سڏ سبب اسلام آباد ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ڪنهن به قسم جي مذهبي ۽ سياسي ميڙاڪن تي پابندي هوندي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر قلم 144 جو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب اسلام آباد ۾ 5 يا 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي هوندي، ڪنهن به قسم جي مذهبي، سياسي گڏجاڻين تي پابندي هوندي، ياد رهي ته اڳوڻي نوٽيفڪيشن موجب قلم 144 گذريل ڏينهن ختم ٿي ويو هو.