پرتگال جي ليجنڊري فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو رٽائرمينٽ بابت پنهنجي رٿابندي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرتگال جمعي جي ڏينهن پولينڊ خلاف 1-5 تان ڪاميابي حاصل ڪندي نيشنز ليگ جي ڪوارٽر فائنل ۾ پنهنجي سيٽ پڪي ڪري ورتي.
ان فتح کانپوءِ رونالڊو بين القوامي مقابلن ۾ 132 هين فتح حاصل ڪئي ۽ پنهنجي اڳوڻي ريال ميڊريڊ ساٿي سرجيوراموس کي پوئتي ڇڏي ڏنو، جنهن اسپين لاءِ 131 ڪاميابيون ماڻيون.
ميچ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پنج ڀيرا بيلن ڊي اور ايوارڊ کٽيندڙ 39 ورهين جي سپر اسٽار ڪرسٽيانو رونالڊو پنهنجي رٽائرمينٽ جي منصوبابندي بابت ويچار ونڊيا.
هن چيو ته هو رڳو انجواءِ ڪرڻ چاهي ٿو، رٽائرمينٽ ؟ جيڪڏهن ائين ٿيو ته هڪ ٻن سالن ۾ ٿي سگهي ٿو، خبر ناهي، مان هاڻي چاليهه سالن جو ٿيڻ وارو آهيان.
رونالڊو چيو ته جيستائين مان جذبي سان انجواءِ ڪري رهيو آهيان، کيڏندو رهندس، جنهن ڏينهن محسوس ڪيو مون وڌيڪ جذبو ناهي، رٽائر ٿي ويندس.