لاهور (ويب ڊيسڪ )پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ ڏکيائين کان بچائڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي.
پاڪستان کي ماضيءَ ۾ سدائين ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو آهي، پاڪستاني ٽيم ايندڙ مهيني 3 ون ڊي، 3 ٽي ٽوئنٽي ۽ 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ ڏکڻ آفريڪا جو دورو ڪندي.
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ وائيٽ بال سيريز 10 کان 22 ڊسمبر تائين کيڏي ويندي، سيريز جي پهرين ٽيسٽ 26 ڊسمبر کان سينچورين ۽ ٻي ٽيسٽ ميچ 3 جنوري کان ڪيپ ٽائون ۾شيڊيول آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڏکڻ آفريڪا ۾ ٽريننگ ڪئمپ لڳائي رانديگرن کي ڪنڊيشنز کي سمجهڻ جو موقعو ڏنو ويندو، ٽريننگ ڪئمپ ۾ ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل رانديگر حصو وٺندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڏکڻ آفريڪا ۾ 7 کان 10 ڏينهن جي ڪئمپ لڳائڻ جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي.
You might also like