آيوشمان کرانا پنهنجي پيءُ کي ” ڊڪٽيٽر “ قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي ور اسٽائيل اداڪار آيوشمان کرانا پنهنجي پيءُ کي ڊڪٽيٽر قرار ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هڪ انٽرويوءَ دوران آيوشمان کرانا انڪشاف ڪيو ته سندس پيءُ انتهائي سخت طبعيت جو مالڪ هو، هو ننڍپڻ ۾ کيس چپل ۽ بيلٽ سان مار ڪٽ ڪندو هو جنهن سبب سندن ننڍپڻ صدمن ۾ گذريو.
اداڪار موجب، سندس پيءُ هڪ نجومي هو، هن ان موضوع تي ڪيئي ڪتاب پڻ لکيا ۽ گذريل سال ديهانت ڪري ويو .
انٽرويوءَ دوران ميزبان آيوشمان کان پڇيو ته ڇا اوهان پنهنجي والد جي ڀيٽ ۾ مختلف آهيو؟ جنهن جي جواب ۾ اداڪار ٻڌايو ته هو بلڪل مختلف پيءُ آهي ڇو ته سندس والد هڪ قسم جو ڊڪٽيٽر هو جنهن لاءِ پنهنجي اولاد کي چپل ۽ بيلٽ سان مارڻ عام ڳالهه هئي.
اداڪارا پنهنجي ننڍپڻ جو قصو ٻڌائيندي چيو ته هڪ ڏينهن پارٽي تان واپس آيو ته سندس شرٽ مان سگريٽ جي دونهين جي ڌپ اچي رهي هئي، مون ڪڏهن به سگريٽ نه ڇڪيو هو پر ان ڌپ جي ڪري والد مارڪٽ ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.