بابر ٽي ٽوئنٽي ۾ ڪوهليءَ جو سڀ کان وڌيڪ رنسن وارو رڪارڊ چٽ ڪري ڇڏيو

هوبارٽ (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني بيٽر بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ هڪ ٻيو هڪ اهم اعزاز پنهنجي نالي ڪندي ڀارت جي اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي جو وڌيڪ رنسن وارو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
بابر اعظم سومر جي ڏينهن هوبارٽ ۾ آسٽريليا خلاف ٽِين ٽي ٽوئنٽي ۾ 28 بالن تي 41 رنسون ٺاهيون ۽ گڏوگڏ مختصر فارميٽ ۾ هو رنسن جي لحاظ کان ڪوهلي کان اڳتي نڪري ويو.
جنهن کانپوءِ بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽرز جي لسٽ ۾ ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي.
روهت شرما 159 ٽي ٽوئنٽي بين القوامي مقابلن ۾ چار هزار ٻه سئو ايڪٽيهه رنسون ٺاهي ان فارميٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽر آهي.
بابر اعظم 126 ميچون کيڏي 4192 رنسون ٺاهي ان فهرست ۾ ٻئي نمبر جڏهن ته ڪوهلي 125 ميچن ۾ 4188 رنسن سان ٽئين نمبر تي موجود آهي.
واضح رهي ته ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما ٽي ٽونٽي انٽرنيشنلز تان رٽائر ٿي چڪا آهن، بابر اعظم وٽ مستقبل ۾ ان فارميٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽر بڻجڻ جو بهترين موقعو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.