لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان عاقب جاويد کي عارضي مدت لاءِ وائيٽ بال ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي جي سينيئر ميمبر ۽ اڳوڻي فاسٽ بالر عاقب جاويد کي چيمپيئنز ٽرافي 2025ع تائين وائيٽ بال ٽيم جو هيڊ ڪوچ هوندو.
پي سي بي جو چوڻ آهي ته ان دوران مستقل هيڊ ڪوچ جي چونڊ وارو عمل به شروع ڪيو ويندو جيڪو چيمپيئنز ٽرافي جي پڄاڻي تائين مڪمل ٿي ويندو.
چيمپيئنز ٽرافي کانپوءِ عاقب جاويد کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ سليڪشن ڪميٽي جي ميمبر کانسواءِ واڌو ذميواري پڻ ڏني ويندي.
ياد رهي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي وائيٽ بال ڪوچ گيري ڪرسٽن گذريل مهيني پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي، جنهن بعد آسٽريليا جي دوري لاءِ ريڊ بال ٽيم جي هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي کي عارضي طور وائيٽ بال ٽيم جي ڪوچنگ جي ذميواري سونپي وئي هئي.
Next Post
You might also like