لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته چيمپيئنز ٽرافي پاڪستان ۾ ئي ٿيندي ۽ جيڪڏهن ڀارت کي خدشا آهن اسان سان رابطو ڪري.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته قذافي اسٽيڊيم جو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي، ترقياتي ڪم مقرر وقت تي مڪمل ٿي ويندو، سمورا انڪلوزرز قائم رهندا.
هن چيو ته پاڪستان جي عزت سڀ کان پهرين، باقي ڳالهيون پوءِ ٿينديون، چيمپيئنز ٽرافي پاڪستان ۾ ئي ڪرائينداسين، اسان جو رابطو رڳو آءِ سي سي سان آهي، جنهن جي جواب جو انتظار ڪري رهيا آهيون جڏهن ته ڀارت کي خدشا آهن ته اسان سان ڳالهائي، اسان خدشا ختم ڪنداسين.
پي سي بي چيئرمين جو چوڻ آهي ته بهتري جي اميد آهي، راند ۽ سياست ڌار ڌار شيون آهن، اسان پنهنجي موقف تي قائم آهيون ۽ رهنداسين، آءِ سي سي جلد چيمپيئنز ٽرافي جي شيڊيول جو اعلان ڪندو، اسان کي پنهنجو ڪم مڪمل ڪرڻو آهي، تنهنڪري شيڊيول جو اعلان جلد ڪيو ويندو.
محسن نقوي وڌيڪ چيو وهاب رياض مسلسل ڪم ڪري رهيو آهي، ڪنهن کي هٽايو نه هو ۽ محمد يوسف مان هٿ ناهيون ڪڍي رهيا، مان ڪرڪيٽرن کي گڏ ڪري رهيو آهيان، عبدالرزاق به مون لاءِ انتهائي اهم آهي، چيمپيئنز ٽرافي ٽور رد نه ري شيڊويول ٿيو آهي.
ملڪ جي عزت سڀ کان پهرين، چيمپيئنز ٽرافي پاڪستان ۾ ئي ٿيندي: پي سي بي چيئرمين
Prev Post
You might also like