اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) طرفان غير رجسٽرڊ وي پيز اينز جي رجسٽريشن لاءِ وڌيڪ ٻن هفتن جي مهلت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب غير رجسٽرڊ وي پي اينز جي رجسٽريشن لاءِ 30 نومبر تائين مهلت ڏني ويندي ۽ پهرين ڊسمبر کان ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويندو.
پي ٽي اي ذريعن جو چوڻ آهي ته وي پي اين جي بندش جي حوالي سان هڪ ٽرائل ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻيو ٽرائل ايندڙ ڏينهن ۾ شروع ڪيو ويندو.
پي ٽي اي ذريعن جو موقف آهي ته غير رجسٽرڊ وي پي اين سيڪيورٽي رسڪ آهن، جنهن سان حساس ڊيٽا تائين پهچ حاصل ڪري سگهجي ٿي.
You might also like