آمريڪي ڪانگريس ميمبرن جو خط پاڪستان جي گهرو معاملن ۾ مداخلت آهي\پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد( ع آ نيوز) پاڪستان پي ٽي آءِ باني جي قيد بابت آمريڪي قانون سازن پاران لکيل خط کي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ کليل مداخلت قرار ڏنو آهي. رپورٽ موجب پاڪستاني حڪومت آمريڪي قانون سازن پاران آمريڪي صدر جوبائيڊن کي عمران خان جي قيد جي حوالي سان لکيل خط کي ڪا به اهميت نٿي ڏئي. جيئن ته آمريڪي انتظاميه اقتدار جي منتقلي ۾ مصروف آهي، هي لکپڙهه  هڪ بيڪار مشق ٿي لڳي. پرڏيهي آفيس ان کي ڪنهن ٻئي ملڪ جي قانون سازن جي طرفان پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ کليل مداخلت قرار ڏنو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين سياسي قيدين جي آزاديءَ لاءِ فوري طور تجويز ڏني وڃي. گڏيل قومن جي ورڪنگ گروپ جي رپورٽ جي روشني ۾ پي ٽي آءِ جي باني ۽ ٻين سياسي قيدين جي سڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.