ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه باڪو ۾ ڪوپ 29 ڪانفرنس ۾ پنهنجي اهم خطاب ۾ سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز (ايس پي ايڇ ايف) پروگرام جي شاندار ڪاميابين کي اجاگر ڪيو. پاڪستان پولين ۾ ” ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ: عالمي لچڪ لاءِ هڪ خاڪو“ جي عنوان سان هڪ تاريخي پينل بحث ۾ عالمي ترقياتي اڳواڻن جائزو ورتو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هي منصوبو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن جو حصو آهي جنهن جو مقصد ٻوڏ متاثر ٿيل ماڻهن جي موسمي حالتن جي چيلينجز مطابق رهائشي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. هن وقت 2.1 ملين کان وڌيڪ گهر ٺاهيا پيا وڃن ۽ هن منصوبي جي شفافيت کي برقرار رکڻ لاءِ 10 لکن کان وڌيڪ بينڪ اڪائونٽ کوليا ويا آهن جنهن سان ٻوڏ متاثرن ٿيل خاندانن کي 8 لک 10 هزار روپين جي امداد جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي، سنڌ صوبي ۾ ئي آب هوا کي منهن ڏيڻ لاءِ 3 لک گهر ٺاهيا ويا آهن. وڏي وزير عالمي برادريءَ جي اڻ کٽ حمايت تي سندن شڪريو ادا ڪيو. COP29 تي هڪ اعليٰ سطحي پينل بحث جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ خالد محمود شيخ، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ايس پي ايڇ ايف، محترمه زيائو هونگ يانگ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. بحث ۾ شرڪت ڪندڙن منصوبي جي واکاڻ ڪئي.