وي پي اين جي بندش ڊاڪٽر راغب نعيمي جو معاملو ناهي: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم جي سياسي صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو ته وي پي اين جي بندش اسلامي نظرياتي ڪائونسل يا راغب نعيمي  بابت معاملو ناهي، ان جو استعمال غير شرعي ناهي. اسلامي نظرياتي ڪائونسل غير ضروري راءِ ڏني آهي، اهو ڊاڪٽر راغب نعيمي جو ڪم ئي ناهي. هن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر راغب نعيمي حڪومت جي حمايت لاءِ اهو ڪم ڪيو هوندو پر اهو تنقيد جو سبب بڻجي ويو، سادي ڳالهه آهي ته حڪومت ايڪس جي غلط استعمال تي پابندي لڳائي ته ماڻهو وي پي اين جو استعمال ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.