رجسٽرڊ وي پي اين تي به غير شرعي مواد ڏسڻ ناجائز آهي: اسلامي نظرياتي ڪائونسل

اسلام آباد (م ڊ) اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي سربراهه ڊاڪٽر راغب نعيمي چيو ته ملڪ ۾ رجسٽرڊ ورچوئل پرائيويٽ نيٽ ورڪ ذريعي به غير شرعي مواد ڏسڻ به ناجائز آهي، وي پي اين جو هاڪاري استعمال گهٽ آهي ڇو ته اهي گهڻو ڪري غير اخلاقي مواد تائين رسائي لاءِ استعمال ٿيندا آهن. هن واهپيدارن تي زور ڏنو ته هو پنهنجي وي پي اين کي رجسٽرڊ ڪن ته جيئن ٽريسيبلٽي کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ ان جي ذميواراڻي استعمال کي هٿي ڏئي سگهجي. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ويپي اين جي استعمال جو بنيادي مقصد آهي ته ڪو پتو نه لڳائي سگهي پر رجسٽرڊ وي پي اين تي سرگرمين جو پتو لڳندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.