اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جا خدشا ختم ڪرڻ جي ذميواري ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار کي ڏئي ڇڏي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي قانون ۽ انصاف واري صلاحڪار بئريسٽر عقيل ملڪ چيو ته شهباز شريف اسحاق ڊار کي پيپلز پارٽي جي قيادت سان رابطو ڪري اتحادي پارٽي جا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عقيل ملڪ چيو ته ڊپٽي وزيراعظم ان حوالي سان جلد بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪندو، هن چيو ته اهي خدشا ڪنهن غلط فهمي جي ڪري پيدا ٿيا هوندا.