ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي خوبرو اداڪارا ديشا پٽاني جو پيءُ رٽائرڊ ڊپي ايس پي جگديش سنگهه پٽاني مبينا طور 25 لک رپين جي فراڊ جو شڪار ٿي ويو .
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، پنجن جوابدارن جي هڪ گروپ کيس سرڪاري ڪميشن ۾ اعليٰ عهدو ڏيارڻ جو ڏٺو ڏئي کائنس ڄاڻايل رقم هڙپ ڪري ورتي.
ميڊيا رپورٽس موجب، واقعي جو ڪيس بريلي جي ڪوتوالي پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيو ويو آهي، نامزد جوابدارن خلاف فراڊ، ڌمڪيون ڏيڻ ۽ جبري وصولي جي الزامن هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر جي متن موجب، اداڪارا جي پيءُ کان پنج لک رپيا روڪ ۽ ويهه لک رپيا ٽن مختلف بئنڪ اڪائونٽس ۾ ٽرانسفر ڪرايا ويا پر کيس ڪو به اعليٰ عهدو نه مليو.
Prev Post
You might also like