حيدرآباد اسپتال جو ڪارنامو، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو تلي ۽ جگر جو گڏيل آپريشن

حيدرآباد (رپورٽر) سول اسپتال حيدرآباد جي انوويٽو ايڊوانس سرجري شعبي پاران پاڪستان ۾ پهريون انوکو آپريشن ڪري هڪ ئي وقت تِلي ۽ جگر مان سِسٽ کي ٻاهر ڪڍيو ويو. پروفيسر ڊاڪٽر ارشد ابڙو جي سربراهي ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر نواز دل، ڊاڪٽر دانش، ڊاڪٽر اشفاق ۽ ٻين گڏيل طور تي آپريشن ۾ حصو ورتو. اهو آپريشن اينڊو ليپرو اسڪوپي ذريعي ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي انوويٽو ايڊوانس سرجري شعبي جي پروفيسر ڊاڪٽر ارشد ابڙو پريس ڪانفرنس ڪري ٻڌايو ته سانگهڙ جي اڇڙي ٿر واري علائقي سان تعلق رکندڙ 40 ورهين جي شريمتي نينا جو سول اسپتال ۾ ڪامياب آپريشن ڪيو ويو آهي. هڪ ئي وقت اينڊو ليپرو اسڪوپي ذريعي تِلي ۽ جگر جا آپريشن پاڪستان ۾ نه ٿيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.