اڏيرولعل ويجهو ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو،اڍائي ڪروڙ ڏنڊ مقرر

اڏيرولعل وليج (ن ع آ ) اڏيرلعل وليج کوسا برادر ۽ ڪوريجا برادري جو پاڻ ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو فيصلو اڳوڻي آءِ جي سنڌ  سيد مشتاق احمد شاھه جي بنگلي تي رئيس حاڪم خان نوحاڻي جي سرپئنچي هيٺ ٿي گذريو، جڏهن ته فيصلو ڪندڙ رئيس حاڪم خان نوحاڻي ٻنهي ڌرين جا بيان ٻڌي جهيڙي جي اڳرائي ڪندڙ ڪوريجا برادري جي کوسن جو هڪ خون ثابت ٿيڻ تي ايڪا اسي لک  روپيا ڏنڊ ۽ کوسا برادري طرفان ڪوريجن جا ٻه (2) خون ثابت ٿيڻ تي  کوسا برادري تي في خون 81 لک ۽ خون جي بي حرمتي جان ڏھه لک روپيا ڏنڊ ادا ڪندا ، ڏنڊ ادا ڪرڻ بعد ٻئي ڌريون هڪ ٻئي خلاف ڪيس واپس وٺندا،  جيئن ته ٻنهي ڌرين طرفان پنهنجا پنهنجا امين مقرر ڪيا ويا جڏهن ته ڪوريجا برادري جا معززن امين  رئس شمن خان زرداري،رئيس نياز حسين کوسو،فقير رسول بخش کوسو،رئيس عبدالرحمان کوسو آف دادو ،سردار اسرار سولنگي ، سيد عبدالماجد شاھ  موجود هئا، جڏهن ته فيصلي ڪندڙ رئيس حاڪم خان نوحاڻي طرفان ٻنهي ڌرين کي ڀاڪر پارائي آئنده اڳرائي ڪرڻ جي سخت منع ڪئي وئي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.