سنڌڙي ( ن ع آ ) سنڌڙي ويجهو تگوسر ڀرسان ڳوٺ امام بخش ڪلھوڙو جو رھواسي 24 ورھين جو مدرسي جو طالب ياسر ڪلھوڙو شھدادپور مدرسي مان مبينا طور ھرکجي اغوا ٿي ويو آهي، آخري لوڪشين ڪوٽ سبزل صادق آباد جي ملي آھي، منھنجو ڀاءُ شھدادپور جي مدرسي دارلعلوم حسينه ۾ علماءِ جو ڪورس ڪري رھيو، سندس ساٿين ٻڌايو ته اڪثر مدرسي ۾ موبائيل تي چيٽنگ ڪندو ھو،مغوي جي ڀاءُ جان محمد ڪلوهوڙو چيو ته 2 ڏينھن کان گم آھي، موبائيل جي لوڪيشن ڪڍائڻ تي معلوم ٿيو ته ڪوٽ سبزل صادق آباد ۾ سندس آخري لوڪشين لڳي آھي، هن چيو ته اسان کي شڪ آھي منھنجو ڀاءُ ھرکجي پنجاب واري علائقي صادق ۾ اغوا ٿيو آھي، قانون نافذ ڪندڙ ادارہ اسان جي مدد ڪن، اسان جي گھر ۾ ڪھرام متل آھي، گم ٿيڻ جي اين سي شھدادپور ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي آھي.