ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪراچي جي مختلف علائقن مان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي .عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي واري درخواستون ٽرائل ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيون آهن عدالت پوليس کي حڪم ڏنو ته اڳڀرائي واري رپورٽ لاڳاپيل ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي . عدالت حڪم ڪيو ته جن گم ٿيل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ٿيل آهن انهن کي گرفتار ڪري ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي . جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته گلشن اقبال جي علائقي مان گم ٿيل شهري اظهر جعفري خلاف ٻه ڪيس داخل آهن، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته سهراب ڳوٺ مان خانزاده قائد آباد جي علائقي مان عثمان گم آهن .گم ٿيل شهري جي پيءُ چيو ته پٽ جي زال مڙس جي واپسي جي انتظار ۾ آهي، ٽي ٻار آهن، ڪٿي به انصاف نٿو ملي .عدالت چيو ته جيڪڏهن اسان وٽ تنهنجو پٽ هجي ها ته کيس واپس ڪري ڇڏيون ها، اهو الله ئي ڪري سگهي ٿو، عدالت گم ٿيل شهري نعمان عرف چائنا جي بازيابي بابت درخواست تي ايس ايس پي اولهه کان رپورٽ طلب ڪري ورتي .عدالت عمر فاروق جي جبري گم ٿين جي معاوضي جو چيڪ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ناظر وٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي .