سنڌ يونيورسٽي انتظاميا شاگردن کي لطيف ڊي ملهائڻ کان روڪي ڇڏيو

ڄامشورو ( ن ع آ) ڄامشورو سنڌ يونيورسٽي جي سي سي لان ۾ سنڌ ترقي پسندپارٽي ستاف طرفان لطيف ڊي جلسو رٿيل ھو جنھنبعد شاگرد جلسي لاء ڊيڪوريش جو سامان کڻي يونيورسٽي وڃي رھيا ھئا تـ سنڌ يونيورسٽي علامه آءِ آءِ قاضي چوڪ وٽ سيڪورٽي انتظاميا جلسو نـ ڪرڻ جو جواز ڄاڻائي شاگردن کي مٿي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو جتي شاگرد مقامي اڳواڻ پھچي سخت احتجاج ڪرڻ بعد سيڪورٽي رڪاوٽون ٽوڙي اڳتي وڌيا جتي پوليس جي وڏي نفري کين زيروپوائنٽ وٽ روڪي ڇڏيو ۽ مٿي يونيورسٽي جي بجلي انتظاميا بند ڪري اونداھي ڪرائي ڇڏي اتي ئي شاگردن احتجاجي ڌرڻو ھڻي سنڌ يونيورسٽي انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي ايس ٽي پي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ،  ڊاڪٽر احمد نوناري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو سنڌو درياهه جي پاڻي جوري وڌيڪ پاڻي تي ڌاڙو ھڻي ڪئنال ٺاھيا پيا وڃن اتي ايس ٽي پي سنڌ ۾ ھڪ وڏي منظم تحريڪ ھلائي رھي ان تحريڪ ۾ شاگردن کي حصو وٺرائڻ ۽ سنڌ جو وڌيڪ ڪيس مضبوط بنائڻ لاءِ سنڌ جي نوجوان شاگردن کي دعوت ڏيڻ ۽ انھن ۾ شعوري سجاڳي لاءِ اسان سنڌ جي سرموڙ شاعرشاھ لطيف جي نالي سان لطيف ڊي ملھائڻ جي تقريب رٿيل ھئي اسان ھڪ مھني کان ٿياري ڪري رھيا ھئاسين انتظاميا نه روڪيو جڏھن شاگردن پنڊال ٺاھي لاءِ  تنبو ھڻن لاءِ سامان کڻي آيا ان وقت انتظاميا شاگردن کي پروگرام کان روڪيو آھي اھاھڪ سازشي ونگار آھي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.