راڄوخاناڻي/تلهار (نمائندن وٽان ) سنڌو درياھ مان 6 غيرقانوني ڪينال ڪڍڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي والار خلاف جسقم ضلعي بدين طرفان جسقم جي سينيئر وائيس چئيرمين اسماعيل ناز نوتڪاڻي ‘ جسقم بدين ضلعي صدر محفوظ سنڌي ‘ پرويز مير ‘ آصف نظاماڻي ‘ انتظار رند ‘ خالد سنڌي ‘ منظر علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ راڄوخاناڻي شھر ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو . اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو سنڌو درياءَ آھي جنھن تي پنجاب مختلف ڊيم ٺاھي سنڌ سڪائڻ جي سازش ڪري رھي آھي، تازو سنڌو درياهھ مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ جي سازش ھلي رھي آھي ، سرسبز پاڪستان نالي سنڌ کي سڪائڻ لاءِ نوان ڊيم ٺاھڻ لاءِ صدر زرداري منظوري ڏني آھي جيڪا سنڌ دشمن پاليسي آھي جنھن کي سنڌي قوم اڄوڪي احتجاج ذريعي رد ڪري ٿي . هنن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي اڳ ئي شديد کوٽ آھي، سنڌ جي حصي جو پاڻي تي کلي عام ڌاڙو هنيو پيو وڃي، جيڪڏھن سنڌو درياهھ مان 6 ڪينال نڪتا ته سنڌ بنجر بڻجي ويندي ۽ سنڌ جي لاڙ واري پٽي غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري سبب شهرن ۽ ڳوٺن تي ڌاريا قبضا ڪري رهيا آهن ، گرين سنڌ جي نالي تي لکين ايڪر زمينن تي غيرقانوني والار ڪيو پيو وڃي ، سنڌ ھن وقت مڪمل طور تي مقبوصا سنڌ بڻيل آھي جنھن کي ڪالوني طور ھلايو پيو وڃي. سنڌ جي زمينن کي والاري انھن تي ڌارين جا شھر آباد ڪيا پيا وڃن، وفاق حڪومت ۽ سنڌ گورنمنٽ کي سنڌين سان نه پر سنڌ جي وسيلن ۽ زمين سان محبت آھي ڪينالن واري اعلان جو فيصلو واپس ورتو وڃي. هوڏانهن ۾ جسقم ضلعي صدر والي ڏنو سنڌي، حفيظ سنڌي ،سراج، اوپل احمد، قربان احمد، محمد علي، بشير خان، منور علي، آفتاب احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.
-
پنجاب جون بنجر زمينون آباد ڪرڻ لاءِ ڪئنال ٺاهيا پيا وڃن:وسند ٿري
ڪراچي (پ ر) نون ڪينالن ۽ ڊيمن جي منصوبن، سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضن ۽ عورتن مٿان ظلم خلاف سنڌياڻي تحريڪ طرفان 17 نومبر تي اعلانيل ريلي جون سرگرميون زور شور سان جاري، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر ڪراچي ڊويزن جو دورو ڪري ناليواري قانون دان ايڊووڪيٽ مسعود نوراني ۽ ايڊووڪيٽ شهاب سرڪي کي ريلي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، سنڌ جا آبادگار پاڻيءَ لاءِ سراپا احتجاج آهن، اهڙي صورتحال ۾ ارسا دريائي نظام ۾ اضافي پاڻي هئڻ جو سرٽيفيڪيٽ جاري ڪيو آهي. پنجاب کي اضافي پاڻي ڏيڻ لاءِ ارسا درياهه ۾ اضافي پاڻي جو جواز ڄاڻائي ٿي جڏھن ته سنڌ کي سنڌ جي حصي جو پاڻي به نٿو ملي. سنڌ کي پنجاب جي ڪالوني بڻائي وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي پئي وڃي. ارسا جواب ڏئي ته جڏهن توهان مطابق درياهه ۾ اضافي پاڻي آهي ته پوءِ سنڌ کي سنڌ جي حصي جو پاڻي ڇو نٿو ڏنو وڃي؟ هنن چيو ته 6 نوان ڪينال ڪڍي سنڌ کي سڪايو پيو وڃي. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري ارسا کي سنڌو درياهه جو پاڻي وڪرو ڪرڻ جو اختيار ڏنو پيو وڃي، جنهن سان ارسا ننڍن آبادگارن جو پاڻي روڪي، درياهه جو سمورو پاڻي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ غيرملڪي سيڙپڪارن کي وڪرو ڪندي، جنهن سان سنڌ ۾ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيندو. هوڏانهن عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر وسند ٿري ۽ ٻين پاران عوامي آواز هيڊ آفيس جو دورو ڪيو ويو، ان موقعي تي هن سڀاڻي نڪرندڙ ريلي ۾ عوامي آواز ۾ ڪندڙ سڀني صحافين کي شرڪت ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني .
-
چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ کي سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي
مٽياري ( ن ع آ ) ھالا ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ميزباني ھيٺ سنڌوءَ درياءَ تي ڪئنال ٺاھڻ جي خلاف آل پارٽيز ڪانفرس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ مختلف سياسي، سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن ايس يو پي ضلعي مٽياري جي صدر سهيل احمد قريشي. فنڪشنل ليگ اڳواڻ حامد قريشي. جماعت اسلامي جي امير فقير محمد منصوري. جسقم اڳواڻ عبدالرشيد ڏيٿو. ايڪشن ڪميٽي جي سلمان لغاري. شڪور ناز خاصخيلي. مصري کوکر ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياءَ سنڌ جي لائف لائن آھي. سنڌو جي پاڻيءَ تي ڌاڙو ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. ھنن چيو ته پنجاب جي چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ کي سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جيڪا ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. ڪانفرنس ۾ سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ٺاهڻ واري معاملي خلاف احتجاجي تحريڪ جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ ان سلسلي ۾ 17 نومبر تي مٽياري ضلعي جي سڀني تعلقن جي پريس ڪلبن آڏو سنڌو درياءَ جي بقا لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو، جنهن ۾ ڀرپور شرڪت لاءِ آبادگارن، هارين نارين، مزدورن ۽ ڪمي ڪاسبين کي دعوت ڏني وئي.
-
ڏکين مرحلن مان گذرندي به ثابت قدم رھيا آھيون: صنعان قريشي
دادو (ڊ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي دادو ۾ قومپرست ۽ سماجي اڳواڻ نياز حسين پنھور وٽ سندس عيادت لاءِ پھتو شھيد بشير خان قريشي جي دوست ڪامريڊ نياز حسين پنهور کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ اوڍائي عيادت ڪئي، شھيد بشير خان قريشي جي روايت کي برقرار رکيو، ان موقعي تي ساڻس گڏ جساف جو مرڪزي چيف اشرف ڪلھوڙو، بشير احمد، نعيم اوڍو گڏ ھئا، ياد رھي ته 9 آڪٽوبر 2024 کا ن قومپرست اڳواڻ نياز حسين پنھور جي طبيعت انتھائي خراب آھي ۽ لڳاتار حيدرآباد اسپتالن جي چڪرن ۾ ۽ بيڊ ريسٽ آھي، ان دوران صنعان خان قريشيءَ اتي موجود قومي ڪارڪنن آيل ماڻھن کي خطاب ڪندي جسقم چيئرمين چيو ته سنڌ اسان جي ماءَ آھي سنڌ جي بقاءُ لاءِ آءُ فڪر جي ايم سيد جي واٽ ۽ پنھنجي بابا جي نقش قدم تي ھلندي پنهنجي وت وس آھر مسلسل جدوجھد ۾ آھيان تمام ڏکين مرحلن مان گذرندي به ثابت قدم رھيا آھيون، ھن چيو ته موجوده حڪمرانن پنجاب جي لکين ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ مٿان 6 ڪئنال ڪڍڻ جي سازش خلاف 24 نومبر 2024 تي سڪرنڊ شھر جي باء پاس تاريخي ڌرڻو لڳندو سنڌ جي ماڻھن کي دعوت ڏجي ٿي ته اچو سنڌو درياءُ کي بچائڻ لاءِ آواز بلند ڪري احتجاج ڪيون نه ته سنڌ بنجر بڻجي ويندي پاڻي صرف اسان جي اکين ۾ رھجي ويندو.
-
سنڌو مان نوان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ سڪائڻ جي سازش آھي: جماعت اسلامي
ڪراچي ( پ ر ) جماعت اسلامي سنڌ چولستان سميت سنڌوءَ تي نون ڪئنالن جي رٿا کي سنڌ کي سڪائڻ جي سازش قرار ڏيندي اعلان ڪيو آھي ته 17نومبر تي سنڌو جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف ڪراچي کان ڪشمور تائين ٿيندڙ احتجاج ۾ جماعت اسلامي جا ڪارڪن ڀرپور شرڪت ڪندا. اھڙن خيالن جو اظهار جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري محمد يوسف صوبائي دفتر ۾ ملاقات ڪندڙ وفدن سان ڳالهائيندي ڪيو. ھن وڌيڪ چيو ته سنڌوءَ سنڌ جو ساھه آھي سنڌ جو عوام ان خلاف ڪا به سازش ڪامياب ٿيڻ ڪو نه ڏيندو ڇو ته اڳ ۾ ئي پاڻي جي کوٽ ڪري سنڌ جون زمينون غيرآباد، مھاڻا بي روزگار معاشي صورتحال انتھائي خراب آھي.ڪينال ٺاھڻ سان سڄي سنڌ اڃان ويتر سورن ۾ پئجي ويندي. ڪارونجهر جي ڪٽائي کان ويندي سنڌوءَ جي پاڻي تي ڌاڙي ۾ سنڌ جي اقتدار ۾ ويٺل پيپلزپارٽيءَ ان سازش ۾ برابر جي شريڪ آھي. پيپلزپارٽي ڪرسيءَ خاطر هميشه سنڌ توڙي سنڌي عوام جي مينڊيٽ جي سودي بازي ڪئي آھي. ارسا ائيڪٽ تي صدر زرداريءَ جي دستخط کان ويندي ڪارونجھر جي ڪٽائي ان جو چٽو مثال آھي. جماعت اسلامي جي اڳواڻ ڪارڪنن کي ھدايت ڪئي ته اھي سنڌوءَ درياھ جي پاڻي مٿان وفاق جي ڌاڙي خلاف سڀاڻي 17نومبر تي درياهھ بچايو ڪميٽي جي سڏ تي ٿيندڙ احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪري حڪمرانن تي واضح ڪن ته سنڌ جي حقن ۽ دنگن تي سنڌ سموري ھڪ آھي.
-
سنڌو تي ڪئنال ڪڍڻ خلاف جيئي سنڌ تحريڪ جو مارچ دادو پهتو
دادو(ن ع آ ) سنڌو درياھ مان 6 ڪئنالن ڪڍڻ واري منصوبي توڙي پاڻي جي کوٽ خلاف جيئي سنڌ تحريڪ پاران دادو ۾ نڪتل احتجاجي پيادل مارچ دادو- مورو پل وٽ پهچي ويو، جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي چيئرمين سورهيه سنڌي، وائيس چيئرمين ساگر سيال، ظفر ڪوريجو، قيوم ابڙو، جسم رياض گروپ جو اڳواڻ ابرار مورائي، منصور جمالي، شهزاد ٻگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دادو ميونسپل ڪاميٽي جي پارڪ کان پيادل مارچ جنھن ۾ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سنڌو درياهه مان وفاقي حڪومت پاران سنڌو درياهه مان 6 ڪئنالن ڪڍڻ توڙي پاڻي جي کوٽ خلاف ريلي ڪڍي وئي، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جون زمينون بنجر ٿي وينديون اهڙي سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، حڪمرانن هميشه سنڌ جي وسيلن تي اکيون وڌيون آهن اسان جي ڌرتي جيڪا انسان ذات، پکي پکڻ جو جياپو آهي ان جي پاڻي تي به قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جيڪا سنڌ جا حلالي پٽ ڪڏهن به قبول نه ڪندا ۽ سازشون ناڪام ڪري ڇڏيندا، اسان سنڌو درياهه تي 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف هر محاذ تي آواز بلند ڪنداسين ۽ هي تحريڪ اڃان وڌيڪ سگهاري ڪنداسين، هنن مطالبو ڪيو ته سنڌو درياهه مٿان 6 ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو فوري طور بند ڪيو وڃي ۽ سنڌ جا حق سنڌ جي ماڻهن کي ڏنا وڃن.