پاور ڪمپنين خلاف انڪوائري، وڏي اداري جي مالڪ کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو

لاهور(م ڊ) پاور ڪمپنين خلاف انڪوائري شروع ٿي وئي آهي. پاڪستان جي هڪ وڏي ڪاروباري اداري جي مالڪ شاهد عبدالله کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو. ذريعن موجب شاهد عبدالله لاهور ايئرپورٽ تان پرڏيهه وڃي رهيو هو ته کيس روڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهد عبدالله جو نالو پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ واري لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو هو. ذريعن موجب ايف آءِ اي پاور ڪمپنين جي معاملن تي شاهد عبدالله خلاف انڪوائري ڪري رهي آهي، ايف آءِ اي ڪجهه وڏين پاور ڪمپنين جي معاملن جي جاچ ڪري رهي آهي. ٻئي طرف ويجهن ذريعن شاهد عبدالله جو چوڻ آهي ته ڪاروباري معاملا صاف آهن، ڪو به غير قانوني ڪم ناهي ڪيو ويو، انڪوائري ۾ سمورو معاملو ٻڌايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.