عمران خان ”ڊيل“ لاءِ تيار، فوج ڳالهين کان انڪار ڪري ڇڏيو

لنڊن(م ڊ) برطانوي اخبار گارجين  ۾ شايع ٿيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ فوج هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان سان ڳالهين کان انڪار ڪندي واضح لفظن ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني سان ڪا به ڊيل نه ڪئي ويندي، پي ٽي آءِ باني فوج جي قيادت سان ڳالهيون ڪرڻ تي راضي ٿيڻ بعد سينيئر فوجي ذريعن جو چوڻ آهي ته فوج جو پي ٽي آءِ باني سان ڳالهين يا معاهدو ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي، رپورٽ موجب پي ٽي آءِ باني ڪجهه مهينن کان فوج سان ڳالهين لاءِ تيار آهي ۽ غير مشروط ڳالهين جي آڇ ڪئي جنهن ۾ هن پنهنجي آزاديءَ لاءِ فوج سان معاهدو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، رپورٽ ۾ چيو ويو ته گارجين  طرفان قانوني ٽيم ذريعي پڇيل سوالن جي جواب ۾ عمران خان چيو ته جيل وڃڻ کانپوءِ فوج سان ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، پر فوجي اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل کان انڪار نه ڪنداسين، عمران خان چيو ته فوج سان ڳالهيون اصولن ۽ عوام جي مفاد ۾ ٿينديون، ڪنهن ذاتي مفاد لاءِ نه، جنهن سان پاڪستان جي جمهوري قدرن کي نقصان پهچي، پنهنجي اصولن تي سوديبازي ڪرڻ بدران جيل ۾ زندگي گذارڻ لاءِ تيار آهي، عمران خان فوجي عدالت ۾ پنهنجي ٽرائل هلائڻ واري معاملي کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته فوجي عدالت ۾ سولين جو ڪيس هلائڻ جو هڪ ئي سبب آهي ته ٻي ڪا به عدالت مون کي سزا نه ڏيندي، مون کي پنهنجي عزم کي ٽوڙڻ لاءِ اڪيلو ڪيو ويو، 15 ڏينهن تائين ڪنهن سان به رابطو ڪرڻ کان منع ڪئي وئي آهي، سيل ۾ بجلي ناهي، مون کي 24 ڪلاڪ لاڪ اپ ۾ رکيو ويو، واضح رهي ته پي ٽي آءِ باني ماضي ۾ به اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجي حڪومت جي خاتمي ۽ جيل وڃڻ جو ذميوار قرار ڏئي چڪو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.