وي پي اين جو استعمال غير شرعي آهي: اسلامي نظرياتي ڪائونسل

اسلام آباد (م ڊ) اسلامي نظرياتي ڪائونسل وي پي اين جو استعمال غير شرعي ۽ ناجائز قرار ڏئي ڇڏيو. چيئرمين ڊاڪٽر راغب  نعيمي چيو ته  اهڙو سافٽ ويئر جنهن سان غير اخلاقي ۽ غيرقانوني معاملن تائين رسائي جو مقصد هجي اهو شروعي طور منع ٿيل ۽ ناجائز آهي. شرعي حوالي سان حڪومت وٽ اختيار آهي ته هو برائي ۽ برائي تائين پهچائيندڙ سڀني معاملن کي منهن ڏئي. ٻئي پاسي گهرو وزارت غير قانوني وي پي اين بند ڪرڻ لاءِ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) کي خط لکي ڇڏيو. گهرو وزارت طرفان پي ٽي اي کي خط ۾ چيو ويو ته دهشتگرد وي پي اين استعمال ڪري رهيا آهن، وي پي اين ذريعي دهشتگردن کي بينڪ ٽرانزيڪشن ۽ دهشتگردي لاءِ مدد ملندي آهي. گهرو وزارت موجب دهشتگرد پنهنجي سڃاڻپ ۽ رابطي کي لڪائڻ لاءِ وي پي اين استعمال ڪندا آهن، جڏهن ته وي پي اين کي فحش ۽ توهين جوڳي مواد لاءِ به استعمال ڪيو وڃي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.