اسٽيبلشمينٽ سان ساٿ هائبرڊ ماڊل آهي، بلاول کي راضي ڪرڻ گهرجي\خواجا آصف

لنڊن: (م ڊ) دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته اسان جي حڪومت جو اسٽيبلشمينٽ سان ساٿ هائبرڊ ماڊل آهي ته انهي لاءِ اسان لاءِ پيپلز پارٽي جو تعاون به اوترو ئي ضروري آهي. خانگي ٽي وي کي انٽرويو ۾ دفاع واري وزير چيو ته بلاول ڀٽو جيڪي اعتراض ڪيا اهي صحيح به آهن، اسان جي پارٽي قيادت ۽ حڪومت کي اهي اعتراض ختم ڪرڻ گهرجن، جيڪڏهن صورتحال ساڳئي رهي جيئن بلاول  ٻڌائي آهي ته انهي جي فائن ٽيوننگ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو احتجاج ڪا نئين ڳالهه ناهي، هنن اڳ به جيڪا 2-3 احتجاج ڪيا اها سموري ڊرامي بازي هئي ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊا پور ٻئي ڀيرا پي ٽي آءِ باني جي مرضي سان غائب ٿيو. هن چيو ته انڊيڪٽرز عوام جي سامهون آهن، معيشت بهتر ٿي رهي آهي پي ٽي آءِ وارا ڊيل چاهين ٿا ته ڪيئن به ڪري اها ٿي وڃي انهن جو اهو حال آهي ته هڪ ٻئي جي مخبري ڪري پئسا وٺندا آهن، سمورو ڪم ڪمپرومائزڊ آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان پاڪستان جي لاءِ هڪ پيج تي آهيون پي ٽي آءِ وارا اقتدار جي لاءِ سڀ ڪجهه ڪري سگهن ٿا، تحريڪ انصاف پنجاب جا اڳواڻ ايترا دلير آهن جو پنهنجي گهر به نٿا اچن، ڪي پي ڪي ۾ لڪي ويهي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.