عمران خان حساب ڏي، باجوه ۽ فيض سان گڏجي ڇا ڇا نه ڪيو؟ نواز شريف

لنڊن(م ڊ) ن ليگ قائد نواز شريف جو چوڻ آهي ته شهباز شريف حڪومت خدا جي فضل سان معيشت کي ٺيڪ ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ جي باني حساب ڏي، هن جنرل باجوه ۽ فيض حميد سان گڏجي منهنجي خلاف ڇا ڇا نه ڪيو؟ لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني لاءِ ماڻهو ڇو نڪرندا؟ قوم سندس ڪاميابين کي تسليم نه ڪيو، سندس حڪومت جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي، اسان بدترين ظلم برداشت ڪيا آهن، عدليه ذريعي هڪ چونڊيل وزيراعظم کي هٽائڻ جي سازش ڪئي وئي، هن پاڪستان جي وقار کي نقصان پهچائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.