اسلام آباد(م ڊ) آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ خلاف درخواست آئيني بينچ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي، سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ 20 نومبر تي درخواست جي ٻڌڻي ڪندي، آڊيو ليڪس ڪميشن جي قيام خلاف درخواست جي ٻڌڻي 21 نومبر تي ٿيندي، جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ آئيني بئنچ جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس نعيم اختر افغان تي مشتمل هوندي، واضح رهي ته آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ خلاف درخواست محمود اختر نقوي داخل ڪئي آهي، جڏهن ته آڊيو ليڪس ڪميشن جي قيام خلاف درخواست عمران خان ۽ ٻين داخل ڪرائي آهي.