اسلام آباد(م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان عالمي امن لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندو رهندو، اسين ڪنهن عالمي تڪرار جو حصو نه بڻجنداسين، اسلام آباد ۾ مارگلا ڊائلاگ 2024 جي خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته عالمي سطح تي معيشت، فورسز ۽ ٽيڪنالاجي ۾ وڏيون تبديليون اچي رهيون آهن، پرتشدد غير رياستي عنصر، رياستي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي هڪ وڏو عالمي چئلينج آهي، هن چيو ته گذريل ڪجهه سالن کان دنيا ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، غلط ۽ گمراهه ڪندڙ معلومات جي تيزيءَ سان پکيڙ به اهم چئلينج آهي، جنرل عاصم منير چيو ته ضابطن کانسواءِ اظهار جي آزادي معاشري ۾ اخلاقي قدرن جي زوال جو باعث آهي، گمراهه ڪندڙ معلومات ۽ نفرت انگيز بيان سياسي ۽ سماجي ڍانچي کي غير مستحڪم ڪندا رهندا، هن چيو ته پاڪستان دنيا ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ خطي ۽ عالمي امن لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندو رهندو، اسان ڪنهن به عالمي تڪرار جو حصو نه بڻجنداسين، آرمي چيف چيو ته مغربي سرحدن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ جامع بارڊر مئنيجمينٽ رجيم قائم ڪئي وئي آهي، ويزن ”عزم استحڪام“ نيشنل ايڪشن پلان جو اهم حصو آهي، جنهن جو مقصد دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو آڻڻ آهي، جنرل عاصم منير چيو ته فتنا خوارج دنيا جي سمورن دهشتگرد تنظيمن ۽ پراڪسيز جو گهر بڻجي چڪو آهي، افغانستان کان اميد آهي ته هو پنهنجي سرزمين دهشتگردي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيندو، هن وڌيڪ چيو ته ڀارت جي انتهاپسندي واري نظريي سبب آمريڪا، برطانيا ۽ ڪينيڊا ۾ به اقليتون محفوظ نه آهن، عالمي سطح تي مذهب، فرقيواريت ۽ نسل پرستي جي بنياد تي عدم مساوات ۽ ورهاڱي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، آرمي چيف ڪشمير مسئلي جي حل کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب اڻٽر قرار ڏنو ۽ غزه ۽ لبنان تي اسرائيلي جارحيت جي به مذمت ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان هميشه آزاد فلسطين رياست جي قيام تي زور ڏنو آهي.