ڪراچي (نجم سيٺي)جنرل فيض حميد ۽ عمران خان خلاف ڪورٽ مارشل جي تياري مڪمل ٿي وئي آھي سمورا ثبوت گڏ ڪيا ويا آھن خان جيڪڏھن انقلابي بڻيل رھندو تھ ان جو اھوئي حشر ٿيندو جيڪو انقلابين جو ٿيندو آھي. اھڙيون ڳالھيون سينيئر تجزيي نگار نجم سيٺي ھڪ پروگرام ۾ ڪيون آحن.ھن چيو تھ 24 نومبر جي ڪال عمران خان واپس نھ وٺندو پر ھن جي يوٽرن جي تاريخ رھي آھي پر مشڪل لڳي ٿو، عمران خان ھن ڀيري ملڪ اندر ڦڏي فساد ۽ لاشن جي سياست ڪرڻ گھري ٿو.ٻئي پاسي پي ٽي آئي جي قيادت مسلسل احتجاجن جي ڪري ٿڪجي پئي آھي ۽ اھا ھاڻي ان ڪال تي پريشان ٿي وئي آھي.منھنجي خيال ۾ ان ڪال جي پٺيان ھڪ فلسفو آھي. عمران خان کي پنھنجي پارٽي وانگر پڪ آھي تھ ڊونلڊ ٽرمپ ھن جي مدد لاءِ ڪجھ نھ ڪجھھ ڪوشش وٺندو. ان جي ڪري ھن جي پاليسي اھا آھي تھ پارٽي پريشر واري سياست جاري رکي. ڊونلڊ ٽرمپ جي لاءِ پي ٽي آئي پاران وڏي لابنگ بھ ڪئي وئي آھي ۽ فنڊ بھ اليڪشن دوران ڏنا ويا ھا. جيڪڏھن ڊونلڊ ٽرمپ جي طرفان ڪا ٽوئيٽ اچي ٿي تھ ھو سمجھي ٿو تھ اھو اسٽبلشمنٽ جي مٿان پريشر پيدا ٿيندو ان کي رليف ملندو. منھنجي خيال ۾ خان صاحب سميت ٻي قيادت کي يقين آھي تھ ٽرمپ ڪوشش ڪندو ۽ ڊمانڊ ڪندو. ان جي ڪري ھن جي خواھش آھي تھ پريشر پيدا ڪيو وڃي .ھن وقت پارٽي اندر انتشار آھي ۽ ماڻھن بھ گھڻا پيسا خرچ ڪيا آھن وڌيڪ خرچ ڪرڻ به نه ٿا گھرن . ھڪ پاسي عليما آھي، ٻئي پاسي گنڊاپور آھي ته ٽئين پاسي وڪيلن جو گروپ آھي.ھڪ ٻئي خبر به آھي ته ھڪ وڏو انٽيليڪچوئل آھي جنھن آمريڪن ڊيموڪريٽڪ گورنمنٽ سان به ڪم ڪيو آھي اھو وچ اوڀر معاملن تي مھارت رکندڙ آھي. ھن وقت پاڪستان دوري تي آيل آھي .وليد حسن ان جو نالو آھي ان جو خيال آھي ته ٽرمپ عمران خان جي لاءِ ضرور ڪجھ نھ ڪندو .ھن جي خيال مطابق اسان جي طاقتور ڌرين کي به ان ڳالھ جو ادراڪ آھي تھ اھڙي ڳالھ ٿيڻ واري آھي يا وري انھن کي اشارو ڏنو ويو آھي. ان ڪري اسان جي ڀائي لوگ جو خيال آھي تھ ٽرمپ جي اچڻ کان اڳ عمران خان کي سزا اچي وڃي ۽ عمران خان سمجھي ٿو اھو پريشر ڊولپ ڪري معاملن کي ٻاھرين دنيا تائين اڀاري. ھن جو اھو ڇوڻ آھي ته پريشر ڪافي ايندو استبلشمنٽ مٿان ۽ ممڪن آھي تھ اھو حل نڪري ته عمران خان کي ڪنھن ٽئين ملڪ موڪليو وڃي . اسان جو خيال ھيو ته ٻاھر نه ويندو پر ھنن جو چوڻ آھي تھ ھن کان پڇيو نه ويندو پر کيس جھاز ۾ ويھاري ٻاھر موڪليو ويندو ۽ جتي موڪليو ويندو اھو سعودي عرب ھوندو.. عمران خان جا ايم بي ايس سان بھتر ناتا ناھن پر ٽرمپ سان لاڳاپال سٺا آھن ان جي ڪري اھا صورتحال ٺھي سگھي.