زرعي زمين تي هائوسنگ سوسائٽيون نه ٺاهيون وڃن، سموگ تي گهٽ ۾ گهٽ ڏهه سالا پاليسي جوڙي وڃي: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور (ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ سموگ جي روڪٿام بابت درخواستن تي زرعي زمينن تي هائوسنگ سوسائٽيون نه ٺاهڻ ۽ پنجاب حڪومت کي سموگ جي خاتمي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه سالا پاليسي جوڙڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم سموگ جي روڪٿام بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب خالد اسحاق عدالت ۾ پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران عدالت ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب کي هدايت ڪئي ته پنجاب جي وزيراعليٰ واپس اچي ته اوهان سموگ تي لانگ ٽرم پاليسي بابت ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، گهٽ ۾ گهٽ ڏهن سالن لاءِ پاليسي جوڙي وڃي.
ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب عدالت کي ٻڌايو ته پنجاب ۾ اليڪٽرڪ بسون هلائڻ لاءِ بجيٽ مختص ڪئي وئي آهي، ايندڙ سال جون کان اڳ بسون روڊن تي هونديون، هو فوڊ سڪيورٽي بابت قدم کڻي رهيا آهن.
هن چيو ته ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن، برساتي پاڻي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پڻ قدم کڻي رهيا آهن، زميني سطح جو گرمي پد به وڌيو آهي، اسان ان تي به ڪم ڪري رهيا آهيون.
جسٽس شاهد ڪريم چيو ته هي قدم تمام بهتر آهن، حڪومت کي گهرجي اعلان ڪري ته زرعي زمين تي هائوسنگ سوسائيٽيز نه بڻايون وڃن، جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب چيو ته هو لينڊ ايڪوزيشن ايڪٽ تي به ڪم ڪري رهيا آهن.
خالد اسحاق جو چوڻ هو ته ارب فاريسٽ لاءِ ڪم شروع آهي، مارچ ۾ عدالت کي ان بابت رپورٽ ڏينداسين، ان تي عدالت چيو ته اوهان بيجنگ ماڊل ڏسي عدالت مدد ڪريو.
عدالت هدايت ڪئي ته پاڻي محفوظ ڪندڙ هڪ ٻوٽو آهي، جيڪي وڌ کان وڌ لڳائڻ گهرجن.
عدالت سموگ جي روڪٿام بابت کنيل قدمن جي عملدرآمد رپورٽ طلب ڪندي درخواستن جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.