لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب ۾ سموگ جو زور گهٽجي نه سگهيو ۽ لاهور اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جي گدلن ترين شهرن ۾ پهرئين نمبر تي اچي ويو آهي.
شهر جي ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 780 رڪارڊ ڪئي وئي، لاهور ۾ سيد مراتب علي روڊ واري علائقي ۾ اي ڪيو آءِ هڪ هزار 404، آمريڪن قونصليٽ واري علائقي ۾ 826 ۽ ڊي ايڇ اي ۾ 916 رڪارڊ ڪئي وئي.
سموگ کي منهن ڏيڻ لاءِ لاهور جي مختلف علائقن ۾ موبائيل ايئر ڪوالٽي مانيٽرنگ اسٽيشن انسٽال ڪيون ويون، گرين لاڪ ڊائون وارن علائقن ۾ سموگ جي نگراني ڪئي پئي وڃي.
ماحولياتي گدلاڻ جي لحاظ کان ملتان 799 جي اي ڪيو آءِ ملڪ جي شهرن ۾ پرئين نمبر تي آهي، جڏهن ته راولپنڊي، اسلام آباد ۽ پشاور ۾ پڻ زهريلي هوا آهي.
موسميات کاتي سموگ کان پريشان شهرين لاءِ برسات جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.
موسميات کاتي موجب، 16 نومبر تي لاهور، اسلام آباد، راولپنڊي ۽ پشاور ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ڀڪر، ليه ۽ ڊي جي خان ۾ به گجگوڙ سان گڏ وسڪاري جو امڪان آهي.
You might also like