شيخ رشيد صدر زرداري جي قتل جي سازش واري ڪيس مان بري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي مقامي عدالت صدر آصف علي زرداري خلاف قتل جي سازش ڪرڻ واري ڪيس مان اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد کي بري ڪري ڇڏيو.
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ صدر آصف علي زرداري خلاف قتل جي سازش ڪرڻ جي ڪيس ۾ ثبوت نه هئڻ جي بنياد تي اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد کي بري ڪري ڇڏيو.
جڊيشل مئجسٽريٽ ياسر محمود، شيخ رشيد جي بريت بابت درخواست تي محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌايو.
خميس ڏينهن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد شيخ رشيد جي بريت بابت درخواست تي محفوظ ڪيو هو.
عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته الله تعاليٰ جي مدد سان بري ٿيو ٿيو آهيان، هاڻي دهشتگرديءَ جا رڳو 14 ڪيس باقي بچيا آهن.
هن چيو ته حڪمرانن جو ڪم پورو ٿي ويو آهي، حالتون قومي حڪومت ڏانهن وڃي سگهن ٿيون، حڪومت آءِ ايم ايف جي وڪڙ ۾ آهي، آبادگارن کي درست اگهه نه ملي رهيو آهي.
ياد رهي ته شيخ رشيد خلاف آبپارا ٿاڻي ۾ 2023ع ۾ سازش، عوام کي ورغلائڻ جي قلمن هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.