ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته راڄڌاني ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ هڪ دفعو ٻيهر تير هلي پيو آهي.
مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ ۾ پارٽي جي ڪاميابي تي ٿورا مڃيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته راڄڌاني ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ هڪ دفعو ٻيهر تير هلي پيو آهي، بي بي شهيد جا جيالا کٽي ويا، هو سمورن ڪامياب اميدوارن کي مبارڪ ۽ جيالن کي شاباش ڏئي ٿو.
سندس چوڻ هو ته مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ ۾ پيپلزپارٽي جي ڪاميابي عوام جي اعتماد جو ثبوت آهي، عوام هڪ دفعو ٻيهر ورهائڻ ۽ نفرت جي سياست کي رد ڪيو.
پ پ چيئرمين چيو ته ڪراچي ۾ پ پ اميدوارن جي وڏي مارجن تان ڪاميابي تاريخي اڳڀرائي آهي، يقين آهي ته پيپلزپارٽي جا نوان چونڊيل نمائندا عوام جي اعتماد تي پورو لهندا.
You might also like