پاڪستان ۾ اڄ هلندڙ سال جو آخري ”سُپر مون“ نظر ايندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان اڄ هلندڙ سال جو آخري سپر مون ڏٺو ويندو.
فلڪياتي ماهر ڊاڪٽر جاويد اقبال موجب، پاڪستاني وقت موجب، رات ٻه لڳي 28 منٽن تي سپر مون پنهنجي عروج تي هوندو.
جاويد اقبال چيو ته سپر مون دوران چنڊ معمول کان 14 سيڪڙو وڏو ۽ 30 سيڪڙو وڌيڪ روشن نظر ايندو.
سپر مون ڇو ٿيندو آهي؟
ان ڏس ۾ ڊاڪٽر جاويد اقبال ٻڌايو ته سپر مون ان وقت ٿيندو آهي جڏهن چنڊ پنهنجي مدار ۾ ڌرتي جي ويجهي ترين فاصلي تي اچي ويندو آهي، سپر مون دوران ڌرتي ۽ چنڊ جو فاصلو گهٽجي ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.