اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته دنيا ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين پر ڪنهن به عالمي تڪرار جو حصو نه بڻجنداسين.
اسلام آباد ۾ مارگلا ڊائيلاگ 2024ع جي خاص تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته ويجهڙائي وارن سالن دوران دنيا ڪيئي چئلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي جنهن ۾ غلط ۽ ورغلائيندڙ ڄاڻ جو تيزيءَ سان پکڙجڻ هڪ اهم چئلينج آهي، دنيا ۾ ڪيئي تبديلين کي نظر ۾ رکندي غير رياستي عنصرن جو اثر رسوخ وڌڻ به هڪ اهم چئلينج آهي.
هن چيو ته عالمي سطح تي مذهبي، فرقيواراڻي ۽ نسلي بنيادن تي اڻبرابري، عدم برداشت ۽ تقسيم وڌي رهي آهي، عالمي سطح تي معيشت، فوج ۽ ٽيڪنالاجي ۾نمايان تبديليون ظاهر ٿي رهيون آهن، پر تشدد غير رياستي عنصرن ۽ رياستي سرپرستي ۾ دهشتگردي عالمي سطح تي هڪ وڏو چئلينج آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان جو حوصلا بلند آهن جڏهن ته دهشتگردي عالمي سطح تي سموري انسانيت لاءِ هڪ گڏيل چئلينج آهي.
آرمي چيف جو چوڻ هو ته سندن گڏيل مقصدن ۾ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ، دهشتگردي خلاف ويڙهه ۽ عالمي صحت جي فراهمي جهڙا اهم چئلينجز شامل آهن، پاڪستان دنيا ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
جنرل عاصم منير چيوته عزمِ استحڪام نيشنل ايڪشن ولان جو اهم حصو آهي جنهن جو مقصد دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو آهي، فتنه الخوارج دنيا جي سمورين دهشتگرد تنظيمن ۽ پراڪسيز جي پناهه گاهه بڻجي چڪي آهي، پاڪستان، افغان عبوري حڪومت مان اميد رکي ٿو ته هو دهشتگرديءَ خلاف افغان سرزمين جو استعمال نه ٿيڻ ڏيندا ۽ ان معاملي تي سخت قدم کڻندا.
آرمي چيف چيو ته ڀارت جي انتها پسند نظريي سبب ٻاهرين ملڪn خاص طور تي آمريڪا، برطانيا ۽ ڪئناڊا ۾ به اقليتون محفوظ ناهن، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جو ظلم ۽ بربريت به هندوتوا نظريي ۽ پاليسي جو تسلسل آهي، والارل ڪشمير جو گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهش پٽاندڙ حل اڻٽر آهي.
دنيا ۾ امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين پر ڪنهن عالمي تڪرار جو حصو نه بڻجنداسين: آرمي چيف
You might also like