سموگ: لاهور ۽ ملتان ۾ هيلٿ ايمرجنسي لاڳو، هفتي ۾ 3 ڏينهن مڪمل لاڪ ڊائون جو اعلان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب حڪومت سموگ سبب لاهور ۽ ملتان ۾ هيلٿ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دوران مريم اورنگزيب سموگ جي بگڙجندڙ صورتحال تي لاهور ۽ ملتان ۾ هيلٿ ايمرجنسي جو اعلان ڪيو.
هن چيو ته لاهور ۽ ملتان ۾ جمعي، ڇنڇر ۽ آچر تي مڪمل لاڪ ڊائون هوندو، ٻنهي شهرن ۾ ڇنڇر کان ايندڙ آچر تائين اڏاوتي ڪم تي پابندي هوندي.
مريم اورنگزيب چيو ته هيلٿ ڊيسڪ ۽ اسپتال جي عملي جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن، کاتن کي دوائن جو مقدار وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن شهري موٽرسائيڪل تي ايمرجنسي کانسواءِ ٻاهر نه نڪرن ۽ ماسڪ جو استعمال ڪن.
سندس چوڻ هو ته اربع تائين ڊيٽا ڏسندا، سموگ هيلٿ ڪرائسس ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، پنجاب حڪومت سموگ کي روڪڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ۽ سموگ کي روڪڻ لاءِ ڏهن سالن جي پاليسي ڏني وئي آهي.
پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب چيو ته حڪومت جا مختلف کاتا سموگ کي روڪڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن، زگ زيگ ٽيڪنالاجي تي نه ايندڙ بٺن کي ڊاهي پٽ ڪيو پيو وڃي، سموگ تي ضابطو آڻڻ هڪ لانگ ٽرم پراسيس آهي، سموگ تي ضابطو آڻڻ لاءِ ٽن مهينن لاءِ هنگامي قدم کنيا پيا وڃن.
هن چيو ته سموگ سبب اسڪول وڌيڪ هڪ هفتي تائين بند رهندا، ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ آن لائن ڪلاس ٿيندا.
پنجاب جي سينيئر وزير مريم اونگزيب چيو ته ريسٽورنٽس کي شام چار تائين وقت ڏنو ويو آهي، ريسٽورنٽ تان کاڏو کڻي وڃڻ جي اجازت رات جو 8 وڳي تائين هوندي، پاڪستان ۽ ڀارت کي سموگ تي ڳالهيون ڪرڻيون پونديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.