ڀارت جي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان اچڻ کان انڪار تي آمريڪا جو به ردعمل اچي ويو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل چيو آهي ته آمريڪا راندين جي سفارتڪاري کي ترجيح ڏئي ٿو.
نيويارڪ ۾ پريس بريفنگ ۾ ويدانت پٽيل چيوته راند ملڪن کي ڳنڍڻ جو ذريعو هوندي آهي، پاڪستان ۽ ڀارت گڏيل لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهن ٿا.
پريس بريفنگ دوران آمريڪي ترجمان چيو ته آمريڪا، بلوچستان ۾ 9 نومبر تي ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت ڪري ٿو.
هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سندن ڀائيوار آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.