نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صلاحڪار ايلون مسڪ گڏيل قومن ۾ ايران جي مستقل نمائندي امير سعيد ايراواني سان ملاقات ڪئي آهي.
ملاقات دوران ٻنهي شخصيتن ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي.
ايراني سفير ايران تي آمريڪي پابنديون ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، هن ايلون مسڪ تي زور ڀريو ته هو پنهنجو ڪجهه ڪاروبار تهران ۾ آڻي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهندڙ ڊگهي ملاقات نيويارڪ ۾ هڪ ڳجهي هنڌ تي ٿي.
ميڊيا رپورٽس موجب، ملاقات بابت گڏيل قومن ۾ بائيڊن انتظاميا جي نمائندن کي به آگاهه نه ڪيو ويو هو.
You might also like