واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل چيو آهي ته آمريڪا راندين جي سفارتڪاري کي ترجيح ڏئي ٿو.
نيويارڪ ۾ پريس بريفنگ ۾ ويدانت پٽيل چيوته راند ملڪن کي ڳنڍڻ جو ذريعو هوندي آهي، پاڪستان ۽ ڀارت گڏيل لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهن ٿا.
پريس بريفنگ دوران آمريڪي ترجمان چيو ته آمريڪا، بلوچستان ۾ 9 نومبر تي ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت ڪري ٿو.
هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سندن ڀائيوار آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهن.
You might also like