عورت جي خون بها 50 لک ۽ مرد جي 25 لک مقرر، چور مئو ڄڻ ڪُتو مئو!: مهر جتوئي جرڳو

سکر/ لکي غلام شاهه(رپورٽ: آزاد مهر/شفيع محمد ابڙو/ نديم جان مهر) شڪارپور ضلعي جي چڪ مان شروع ٿيل مهر- جتوئي تڪرار جو جرڳو سرڪٽ هائوس سکر ۾ سردار علي گوهر خان مهر جي سرپئنچي ۾ ٿيو، ستن خون ثابت ٿيڻ تي ٻنهي ڌرين مٿان 2 ڪروڙ 20 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جرڳي ۾ ڌرين پاران اڳوڻو ايم اين اي غوث بخش خان مھر، اڳوڻو ايم اين اي ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي، ايم اين اي شهريار خان مھر، ايم پي اي محمد عارف خان مھر، اڳوڻو ايم پي اي مير عابد حسين خان جتوئي ۽ سکر جي ضلعي چيئرمين ڪميل حيدر شاھ مشير طور شريڪ ٿيا، جڏهن ته ٻين معززن سميت جهيڙي ۾ مارجي ويلن جي وارثن شرڪت ڪئي، ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ ۽ مشيرن جي صلاح بعد جرڳي جي فتوي ڪريم بخش بڊاڻي پڙهي ٻڌائي، جنهن موجب جرڳي ۾ ٻنهي ڌرين تي مجموعي طور تي 7 خون ثابت ٿيا جنهن ۾ مهر برادري جا 5 خون جتوئي برادري تي ثابت ٿيا جنهن مان چئن مردن جي خون بها هڪ ڪروڙ ۽ هڪ عورت جي خون جي بها 50 لک روپيا مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته جتوئي برادري جا مهر برادري تي 2 خون ثابت ٿيا جنهن جي بها 50 لک روپيا مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته هڪ عورت جي اغوا جو ڏنڊ 20 لک روپيا مقرر ڪيو ويو، تڪرار دوران مبينا ڦر ۾ قتل ٿيل ڀرڙ جتوئي ڌر جي عورت جو خون مهر پاران ساک کڻڻ تي مهر ڌر کي آجو قرار ڏنو ويو جڏهن ته ڀرڙ جتوئي گڻگائي مهر ڌرين وچ ۾ فائرنگ دوران مارجي ويل ٽانوري برادري جي نينگري فياضان ٽانوري جي قتل مان ڀرڙ جتوئي آجا قرار ڏنا ويا، خون مهر ڀريندا، اغوا ٿيل ٻن ڄڻن فريد مهر ۽ عامر مهر جي اغوا  مامري جي ساک ٿيندي جيڪا جتوئي ڌر جي ماڻهن کان ورتي ويندي، ڌرين فتوا قبول ڪري ورتي جڏهن ته زمين ۽ چوري ٿيل سامان جي واپسي لاءِ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي، جڏهن ته ايم پي اي محمد عارف خان مھر خلاف ڪِريل زبان استعمال ڪرڻ جي جتوئي ڌر جا ماڻهو چڱا مڙس ميڙ ڪري معافي وٺڻ جا پابند هوندا، فيصلي ۾ چوري دوران مارجي ويل چور جي خون مان ڀاڳئي کي آزاد ڪيو ويو، خون چور جا ساٿي چور ڀريندا ڀاڳيو نه، جڏهن ته پوليس هٿان مقابلو يا شڪي طور مارجي ويل جو پلاند پوليس واري جي وارثن کان نه ڪيو ويندو، فتوي موجب عورت جي خون جي بها مرد جي خون بها کان ٻيڻي مقرر ڪئي وئي ۽ ڪنهن به واردات ۾ مئل چور لاءِ فتوي ڏني وئي ته چور مئو ڄڻ ڪتو مئو، ان جي خون جو جرمانو نه ڪيو ويندو ۽ فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ يا جهيڙي ۾ اڳرائي ڪندڙ ڌر مٿان 25 لک روپيا ڏنڊ لڳندو، فتويٰ بعد ڌرين کير کنڊ ٿي ويون، واضح رهي ته مهر- جتوئي برادري ضلعي شڪارپور ۾ هلندڙ تڪرار ۾ عورت ۽ هڪ نينگري سميت ڏهن کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته ضلعي ۾ ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو 9 مهينا اڳ شڪارپور جي علائقي چڪ ۾ مهر برادري جي ٻن ماڻهن جي اغوا بعد شروع ٿيو، جرڳي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا پڻ خاص انتظام ڪيا ويا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.