ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر راجپوت تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ڊي ايڇ اي ۽ ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ بورڊ پاران پاڻي جي چارجز وصول ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي .عدالت حڪم ڏنو ته ڪنٽونمينٽ بورڊ درخواستگذارن کي هر مهيني پنج واٽر ٽينڪر مفت ۾ ڏيندي مقرر تاريخ تي پاڻي جو ٽينڪر فراهم نه ڪرڻ تي درخواستگذار انتظاميا ۽ عدالت کي آگاهي ڏيندا.عدالت ڪنٽونمينٽ بورڊ انتظاميه کي ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڪنٽونمينٽ بورڊ انتظاميا خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي .جسٽس ظفر احمد راجپوت چيو ته ڊي ايڇ اي ڪنٽونمينٽ بورڊ جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته پاڻي نه ٿا ڏيو ته پاڻي جي چارجز ڇو پيا وٺو . وڪيل ڊي ايڇ اي چيو ته چارجز مينٽيننس جي ورتي پئي وڃي .درخواستگذار جي وڪيل چيو ته پاڻي لائنن بدران ٽينڪر ذريعي ڏنو پيو وڃي، جنهن لاءِ الڳ پئسا ورتا پيا وڃن. جسٽس ظفر احمد راجپوت چيو ته اسان معاملي کي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ڏانهن موڪلي رهيا آهيون ته جيئن لارجر بينچ جوڙي وڃي. درخواستگذار جي وڪيل جبران ناصر چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳ به اهڙو فيصلو ڏئي چڪي آهي پر ان تي عمل ناهي ٿيو.جسٽس ظفر احمد راجپوت چيو ته ڪي اليڪٽرڪ بجلي نٿي ڏئي، پر هنن وٽ اهو عذر آهي ته پکي بجلي جي تارن تي ويهندا آهن، هو ان جو بل وٺندا آهن .جسٽس ظفر احمد راجپوت چيو ته ڇا توهان جي پاڻي جي لائينن ۾مڇيون ٿيون ترن ان جي چارجز وٺي رهيا آهيون .شهري توهان کي به پيسا ڏين ۽ ٽينڪر مافيا کي به پئسا ڏين، وڪيل ڊي ايڇ اي چيو ته جيڪي ادائگيون نه ڪندا انهن جي پاڻي جي لائن ڪٽي ويندي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ڪيترن ئي هنڌن تي پاڻي جي لائين ئي ناهي ته ڪنيڪشن ڪٿان ڪٽيو ويندو. جسٽس ظفر احمد راجپوت رمارڪس ڏنا ته توهان جي ۽ سنڌ حڪومت جي رڳو اها ڪوشش آهي ته علائقا ٻڏن ته پئسا اچي وڃن. جسٽس ظفر احمد راجپوت چيو ته مسئلن جي حل لاءِ ڪنهن جي به ڪوشش ناهي .75سالن کان عوام جي ڀلائي لاءِ ڪو به ڪم ناهي ڪيو ويو عدالت چيو ته درخواستگذارن کي هر مهيني 5 واٽر ٽينڪر مفت ڏنا وڃن .عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 17 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .عدالت ۾ اڳوڻي اٽارني جنرل انور منصور خان، وڪيل جبران ناصر ۽ ٻين درخواست داخل ڪئي آهي.