سجاول جوڻيجو ڀرسان ڪارنهن جي ڪڌي رسم هيٺ ٻٽو قتل

قمبر  ( ن ع آ )سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد ۾ ٻن جوابدارن ڪارنهن الزام هيٺ عورت ۽ نوجوان کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، سجاول جوڻيجو ڀرسان ڳوٺ ڦلھڙي ۾ جوابدار سرمد تنيو پنهنجي سهري علي حسن ماڇي سان گڏجي ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي گهرواري 18ورهين جي سرداران ۽  25 سالن جي نوجوان فيضل عمراڻي کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي سجاول جوڻيجو پوليس پهچي مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ميروخان اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا آهن مقتول نوجوان فيضل عمراڻي ڳڙهي خيرو تعلقي جو رھواسي ٻڌايو پيو وڃي ، جڏهن ته پوليس بروقت ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي،  آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.