شڪارپور (رپورٽ : ذوالفقار مگسي )ڊسٽرڪٽ روڊس کاتي شڪارپور ۾ سال 2021-22 ۾ اڍائي ارب روپين جا جعلي ٽينڊر ڪرائڻ جي الزام ھيٺ ٽينڊر ڪلارڪ وحيد قريشي گرفتار تفصيل موجب : گذريل ڏينهن اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيس شڪارپور جي ٽيم اياز بهراڻي جي اڳواڻي ۾ شھر جي رستم روڊ واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي ڊسٽرڪٽ روڊس کاتي جي ٽينڊر ڪلارڪ وحيد قريشي کي گرفتار ڪيو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته ٺيڪيدار دلبر مھر درخواست داخل ڪئي ھئي ته ٽينڊر ڪلارڪ وحيد قريشي اڳوڻي انجنيئر سيد عبدالستار شاهه سان گڏجي شڪارپور ضلعي اندر روڊن جي نالن تي اڍائي اربن جا جعلي ٽينڊر ڪرايا ھئا، جنهن جي جاچ بعد اڄ اينٽي ڪرپشن ڪارروائي ڪندي ٽينڊر ڪلارڪ وحيد قريشي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ٻئي طرف اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر منور نائچ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ٽينڊر ڪلارڪ وحيد قريشي ٺيڪيدار دلبر مھر کان 15 لک رپيا وٺڻ باوجود ٺيڪو نه ڏنو ھو جنهن خلاف اھڙي درخواست تي ڪارروائي ڪري ٽينڊر ڪلارڪ کي گرفتار ڪيو آهي.