ٽرمپ پاران ايلون مسڪ ڪامورن جو نگران، فلسطين مخالف هاڪبي سفير نامزد

واشنگٽن(ع آ نيوز) نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دنيا جي امير ترين شخص ايلون مسڪ کي به پنهنجي صدارتي مهم ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي ذميواري ڏني آهي. ٽرمپ سي آءِ اي سربراهه کي وچ اوڀر لاءِ سفير ۽ اسرائيل ۾ سفير نامزد ڪيو. اها ڳالهه نئين چونڊيل آمريڪي صدر سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چئي. ايلون مسڪ ۽ اڳوڻي ريپبلڪن صدارتي اميدوار وويڪ رامسوامي حڪومت جي ڪارڪردگي (DOGE) کاتي جي سربراهي ڪندو. ڊونلڊ ٽرمپ فاڪس نيوز جي ميزبان ۽ تجربيڪار پيٽ هيگسٿ کي سيڪريٽري دفاع لاءِ نامزد ڪيو آهي. رپورٽ  موجب 44 ورهين جو هيگسٿ عراق، افغانستان جنگ دوران آمريڪي فوج ۾ خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي ۽ هاڻي پنهنجي پهرين سياسي ڪردار ۾ آمريڪي بچاءَ واري وزير جون ذميواريون سنڀاليندو. آمريڪي صدر ريئل اسٽيٽ ٽائيڪون اسٽيوٽڪوف کي وچ اوڀر لاءِ خاص نمائندو مقرر ڪري ڇڏيو  مائڪ هاڪبي، اسرائيل ۾ آمريڪي سفير طور نامزد ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ  ڊونلڊ ٽرمپ جان ريٽڪلف کي سي آءِ اي جو سربراهه نامزد ڪري ڇڏيو آهي. ٽرمپ اڳوڻي آرمي ڪرنل مائڪ والٽز کي قومي سلامتي جو صلاحڪار نامزد ڪيو آهي جيڪو ماضي ۾ چئي چڪو آهي ته آمريڪا ۽ چين سرد جنگ جي صورتحال ۾ آهن. ٻئي طرف، آمريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ لاءِ ٽرمپ جي امڪاني نامزدگي مارڪو روبيو به چين تي تنقيد ڪئي آهي. ٻئي پاسي چونڊيل صدر ڊونلڊٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ صدر بائيڊن سان ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ هن چيو ته سياست هڪ مشڪل ڪم آهي،ان سان گڏ هن جو بائيڊن جو اقتدار جي پرامن منتقلي تي ٿورو به مڃيو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.