اسلام آباد (عبدالقيوم صديقي) جسٽس امين الدين خان جي اڳواڻي ۾ آئيني بينچ سڀاڻي کان ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندي جنهن ۾ 34 ڪيسن جي ڪاز لسٽ جاري ڪئي وئي آهي. ان ۾ هڪ ڪيس هراسمينٽ معاملي جو به آهي. عورت وڪيل پنهنجي سينيئر وڪيل خلاف هراسمينٽ بابت محتسب وٽ درخواست ڏني هئي، جنهن وڪيل خلاف اها درخواست هئي ان لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس منصور علي شاهه ان درخواست تي اسٽي جاري ڪيو ۽ پوءِ به هراسمينٽ بابت محتسب ڪارروائي جاري رکي جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو. وفاقي محتسب ياسمين عباسي جسٽس منصور علي شاهه کي توهين عدالت جو نوٽيس موڪليو ۽ آءِ جي اسلام آباد کان گرفتاري وارنٽ به جاري ڪرائي ڇڏيا جنهن کانپوءِ چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس وٺي جسٽس منصور جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪيا ۽ ان کانپوءِ اهو ڪيس نه لڳو هو. هڪ قانوني سوال اهو به آهي ته ڇا محتسب نوٽيس جاري ڪري سگهي ٿو ۽ ڇا هاءِ ڪورٽ جو جج نوٽيس جاري ڪري سگهي ٿو؟