اسلام آباد (م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي ويج بورڊ ايوارڊ تي عمل ڪرڻ ۽ اخبارن جي معاملن تي ذيلي ڪاميٽي ٺاهي ڇڏي. ذيلي ڪاميٽي جي سربراهي سيد امين الحق ڪندو. اجلاس ۾ پيمرا جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني وئي. ڪميٽي ميمبر ڪرن ڊار نقطو اٿاريو ته آرمي چيف ۽ عدليه بابت ڳالهين کي سينسر ڪيو وڃي ٿو، پارليامينٽ ميمبر يا وزيراعظم بابت اوهان جي ڪهڙي پاليسي آهي؟ ميڊيا تي ريٽنگ لاءِ پارليامينٽ ميمبرن جي توهين ڪئي وڃي ٿي. مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته ادارن تي تنقيد ٿئي ٿي ڇا ان لاءِ اپاءَ ورتا ويا؟ سوشل ميڊيا تي به ضابطا هجڻ گهرجن. پيمرا چيئرمين محمد سليم چيو ته 2020 ۾ پارليامينٽ جي انساني حقن واري ڪاميٽي سوشل ميڊيا ريگيوليشنز ٺاهڻ کان روڪيو هو. ميمبرن ميڊيا ورڪرن کي پگهارون نه ملڻ جا سوال اٿاريا. پيمرا عملدارن ٻڌايو ته ڪائونسل آف ڪمپلينٽس ذريعي ميڊيا ورڪرن جي پگهارن جا معاملا حل ڪيا ويندا آهن. سحر ڪامران سوال ڪيو ته پگهارن کانسواءِ ڪير ڪيئن جيئرو رهي سگهي ٿو؟ اجلاس ۾ نجي ٽي وي چينل جو لائسنس 6 سالن کان مدي خارج هجڻ جو انڪشاف ٿيو، ڪميٽي اهڙن چينلن جي فهرست طلب ڪئي. سرڪاري ٽي وي ۾ هڪ اينڪرن جي پگهارن بابت به تفصيل طلب ڪيا ويا.