اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ آئيني بينچ ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 6 رڪني بينچ 14 ۽ 15 نومبر تي مجموعي طور تي 34 ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندي، جاري ڪيل ڪاز لسٽ موجب ماحولياتي آلودگي بابت ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن، جن ۾ سال 1993 جو هڪ ڪيس به شامل آهي، ان کان سواءِ قاضي فائز عيسيٰ جي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور مقرري بابت درخواست رد ڪرڻ خلاف نظرثاني درخواست به ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.عام چونڊون 2024 جي ري شيڊولنگ جي درخواست پڻ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي، چونڊن کي فيبروري کان مارچ جي پهرين هفتي ۾ منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي، ان ۾ پرڏيهه ۾ ڪاروبار ۽ اثاثا رکندڙ اسيمبلي ميمبرن جي نااهلي لاءِ داخل درخواست به شامل آهي، ڪاز لسٽ موجب سرڪاري آفيسرن جي پرڏيهي شهرين سان شادين تي پابندي بابت داخل درخواست به ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي، پي ڊي ايم حڪومت پاران پاس ڪيل قانون کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست به ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي، ان کان سواءِ پاڪستانين جي پرڏيهي بئنڪ اڪائونٽس بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي به مقرر ڪئي وئي آهي، آفيسن ۾ عورتن کي هراسان ڪرڻ بابت ڪيس، علي ظفر ۽ ميشا شفيع هراساني ڪيس، ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد جي خانگي استعمال تي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس به ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، ڪنوينشن سينٽر سوموٽو اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي نوٽ تي ورتو ويو هو، ان کان سواءِ گلگت بلتستان جي عدالتن جي دائره اختيار بابت ڪيس ۽ توانائي منصوبن بابت خواجا آصف جون مختلف درخواستون به ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن، ڪاز لسٽ موجب آئيني بينچ 14 نومبر تي 18 ۽ 15 نومبر تي 16 ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندي.