” قاضي صاحب جي جند ڇڏيو“ آئيني بئنچ اڳوڻي چيف جسٽس خلاف درخواست خارج ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل نظرثاني درخواست خارج ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين جي سربراهيءَ ۾ 6 رڪني آئيني بئنچ اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ طور مقرري بابت نظرثاني درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل چيو ته هي نظرثاني درخواست آهي، ڪيس کي ٻيهر نٿو کولي سگهجي، جنهن تي درخواست ڏيندڙ جي وڪيل رياض حنيف چيو ته سپريم ڪورٽ شهيد ڀٽو ڪيس به چاليهه ورهين بعد ٻڌو.
جسٽس مسرت هلالي چيو ته هي فورم سياسي تقريرن ۽ نه بيڪ بائٽنگ جو آهي، قانون کان نٿا هٽي سگهن، ڪيسز ۾ پرسنل نه ٿيندا ڪريو ۽ قاضي صاحب جي جند ڇڏي ڏيو.
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اوهان ڪاوڙ ۾ ڇو ڪري رهيا آهيو؟، عدالت جي ڳالهه ٻڌو.
جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪندي چيو ته اوهان ڪيس ٻيهر کولڻ چاهيون ٿا؟، جنهن تي درخواست ڏيندڙ جي وڪيل رياض حنيف چيو ته هو عدالت کي حقيقتون ٻڌائي رهيو آهي.
جسٽس امين الدين پڇاڻو ڪيو ته قانون ۾ ڪٿي لکيل آهي ته وڏي وزير سان مشاورت ڪيئن ضروري آهي؟ جنهن تي درخواستگذار سندس وٽ رڪارڊ ناهي پر بلوچستان مان گهرائي سگهجي ٿو.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اهڙي درخواست بئنج جي سربراهه کي درخواست ڪندس ته معاملو پاڪستان بار ڪائونسل ڏانهن اماڻيندا ڪريو.
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل نظرثاني درخواست خارج ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.