اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ ماحولياتي گدلاڻ جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن بابت صوبن کان تفصيلي رپوٽ طلب ڪري ورتي.
ڇويهين هين آئيني ترميم کانپوءِ اڄ پهريون ڀيرو سُپريم ڪورٽ ۾ آئيني بئنچ ڪيسن جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي.
ان سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ آئيني ڪيسن بابت ٻڌڻي ۾ سڀ کان پهرين ماحولياتي گدلاڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 6 رڪني آئيني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ماحولياتي گدلاڻ رڳو اسلام آباد نه پر سڄي ملڪ جو مسئلو آهي، گاڏين جو دونهون ماحولياتي گدلاڻ جو وڏو سبب آهي، ڇا دونهين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي؟
جسٽس نعيم اختر چيو ته هائوسنگ سوسائتيز سبب زرعي زمين ختم ٿي رهي آهي، هارين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، قدرت زرخير زمين ڏني آهي پر سڀ زمين کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اوهان ايندڙ نسلن لاءِ ڇا ڪري وڃي رهيا آهيو.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته سڄو ملڪ ماحوليات جي سنجيده مسئلي کي منهن ڏئي رهيو آهي، پيٽرول ۾ ڪجهه اهڙو ملايو ويندو آهي جيڪو گدلاڻ جو سبب بڻجي ٿو.
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ماحوليات بابت سمورن معاملن کي ڏسندا، انوائرمينٽ پروٽيڪشن اٿارٽي پنهنجو ڪردار ادا ڇو نه ڪري رهي آهي؟، 1993ع کان معاملو هلي رهيو آهي، هاڻي هن معاملي کي ختم ڪرڻو پوندو.
جسٽس مسرت هلالي چيو ته مانسهره ۾ هر هنڌ پولٽري فارم ۽ ماربل فڪٽريون ڪم ڪري رهيون آهن، سوات ۾ ڪجهه اهڙا خوبصورت ماڳ آهن جيڪي گدلاڻ جو شڪار ٿي چڪا آهن.
آئيني بئنچ ماحولياتي گدلاڻ جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن بابت صوبن کان تفصيلي رپوٽ طلب ڪري ورتي ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل جي اپيل تي ٻڌڻي ٽن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
آئيني بئنچ جي پهرين ٻڌڻي، ماحولياتي گدلاڻ جي خاتمي بابت کنيل قدمن تي صوبن کان رپورٽ طلب
You might also like