ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ساڍا پنج رپيا في لٽر تائين واڌ جو امڪان آهي.
انڊسٽري ذريعن موجب، عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاهن چاڙهن سبب ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شيون 5 رپيا 91 پئسا تائين مهانگايون ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، ايندڙ پندرنهن ڏينهن لاءِ پيٽرول جي اگهه ۾ 2 رپيا 58 پيسا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 5رپيا 91 پئسا في لٽر تائين اضافي جو امڪان آهي.
ان کانسواءِ گاسليٽ جي اگهه ۾ 2 رپيا 58 پيسا في لٽر تائين واڌ ٿي سگهي ٿي.
آئل ڪمپنين پيٽروليم شين جي اگهن بابت سمري اوگرا کي موڪلي ڇڏي آهي.
اوگرا قيمتن بابت سمري 15 نومبر تي حڪومت ڏانهن اُماڻي ويندي، وزيراعظم جي مشاورت کانپوءِ قيمتن بابت حتمي منظوري ڏني ويندي.
پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ بابت ناڻي واري وزارت نوٽيفڪيشن 15 نومبر تي جاري ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.