عدالت پاران دعا منگي ۽ بسمه اغوا ڪيس جي ٻن جوابدارن کي آزاد ڪرڻ حڪم

ڪراچي (رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت دعا منگي ۽ بسمه اغوا ڪيس جي ٻه جوابدارن جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي .پراسيڪيويشن جوابدار آغا منصور ۽ بسمه ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جو ڏوهه ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو . عدالت ٻنهي جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته جوابدار ٻئي ڪنهن ڪيس ۾ گهربل ناهن ته کين آزاد ڪيو وڃي .پوليس ٻڌايو ته ٻئي جوابدار مئي 2018ع ۾ ڊفينس جي علائقي پراپرٽي جي ڪم ڪندڙ عبدالطيف کي هن جي آفيس مان اغوا ڪيو هو .جنهن جو ڪيس هن جي پٽ ارحم يوسف داخل ڪرايو آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.